ايوب گاد

ايوب گاد: مشهور ليکڪ،اداڪار ۽ زرعي ماهر ايوب گاد جو اصل نالو محمد ايوب گاد آهي. سندس جنم 2 آڪٽوبر 1960ع تي لاڙڪاڻي ۾ غلام حيدر گاد جي گهر ۾ ٿيو.هن، شروعاتي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي. نفسيات ۾ بي. اي ۽ سنڌي ادب ۾ ايم.اي ڪرڻ کانپوءِ ڊرائنگ جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪري لاڙڪاڻي جي هڪ سرڪاري اسڪول ۾ ڊرائنگ جو استاد مقرر ٿيو. پاڻ سٺو شاعر، ڪهاڻيڪار،ڊرامه نگار ۽ مصور هئڻ سان گڏ اداڪار۽ هدايتڪار به آهي. بحيثيت مصور سندس ٺاهيل تصويرون سنڌ آرٽسٽ گلڊ جي سهڪار سان مختلف وقتن تي نمائش لاءِ پيش ڪيون ويون. شاهه لطيف جي سورمين جون خيالي تصويرون به ٺاهيون اٿس.ان کانسواءِ هن جو ڀٽائيءَ جي ڪلام جي پسمنظر ۾ هڪ قسطوار پروگرام’راڻل جي رهاڻ‘ به نجي سنڌي چينل تان نشر ٿي چڪو آهي.موسيقي سان دلچسپي سبب هن 1994ع ۾ ’ڪنول‘ جي نالي سان آڊيو وڊيو پراڊڪشن ڪمپني جو بنياد رکي ڪافي گلوڪارن کي متعارف ڪرايو ۽ تمام خوبصورت گيت پيش ڪيا. سنڌي فنڪارن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ’موهن جو دڙو آرٽسٽ فورم‘جو پڻ بنياد رکيو. ان کانسواءِ هن ’نيلم‘نالي سان هڪ شوبز رسالو به جاري ڪيو. ”عيوضو“ نالي سان ڊراما سيريل ٺاهي، جيڪا ايس ٽي اين تان نشر ڪئي وئي. پاڪستان ٽيليويزن تان ڪيترائي ناٽڪ رنگ سلسلي جا ڪيترائي پروگرام پيش ڪيا. پي ٽي وي تي 13 قسطن تي مبني تصوف ۽ رومانس جي پسمنظر ۾ لکيل ڊرامه سيريل ”مون ۾ تون موجود“ لکي، جنهن کي سميع بلوچ جي هدايتڪاري هيٺ پيش ڪيو ويو. ڪي ٽي اين تان پهريون ڊرامه سيريل ”انتظار گاهه“ ۽ ”اوجاڳيل اکين جا خواب“ نه صرف پاڻ لکيائين بلڪه هدايتڪاري به پاڻ ڏني.’هر شخص ڪهاڻي آ‘ جي عنوان سان ڪي ٽي اين تي سلسليوار سيريز پيش ڪئي، جنهن ۾ سوين ماڻهن سان وابسته ناقابل فراموش واقعن ۽ڪهاڻين کي ڊرامائي انداز ۾ نشر ڪيو ويو.’مورتي‘ جي عنوان سان عورتن جي سماجي مسئلن تي سندس ڊراما سيريز ڪافي مقبوليت ماڻي.فلمن ۾ ’ايوب ابڙو پراڊڪشن‘ جي بينر هيٺ زاهد ابڙي سان گڏ فلم ’مهربان‘ ٺاهي، جنهن کي شاليمار ريڪارڊنگ ڪمپني پوري ملڪ ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيو.ان کانسواءِ ’بيوس‘،’دلاور خان‘، ’ناسور‘ ۽ ’مس88‘ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. سندس لکيل ۽ ڇپيل تصنيفن ۾؛ شاعري جو مجموعو’پيار جي ڇانو‘(1993ع)، ڀٽائيءَ جي بيتن جي تشريح تي ٻڌل نثري ڪتاب ’اک الٽي ڌار‘ ۽ حضور ڪريم صه جي معجزن تي ٻڌل ڪتاب ’جنهن سان پسجي پرينءَ کي‘ شامل آهن. سندس ٻه شاديون ٿيل آهن، جن مان کيس چار نياڻين ۽ ٻن پٽن جو اولاد آهي. پاڻ، هن وقت پنهنجي ڪٽنب سان گڏ لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ ايوب گادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.00.00  عيسوي

ايوب گاد: ايوب گاد جو اصل نالو محمد ايوب گاد آهي ، هيءُ سنڌ جو ناليوارو شاعر آهي . هن لاڙڪاڻي ۾ 1960ع ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد مغل
امير حسن
آزاد قاضي
راحيلا شر
احمد سائين خانڳڙهيِ
آصف نواز جنجوعا
ظفر الله جمالي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
رئيس امام بخش
ابوالفضل نور احمد سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون